ڌرمپال اگروال

ڌرمپال اگروال

ڌرمپال اگروال

ڌرمپال اگروال: آثار قديمه جي هن ماهر جو شمار هندستان جي نامور محققن ۾ ٿئي ٿو. سندس جنم 15 مارچ 1933ع تي هندستان جي ننڍڙي علائقي ’المورا‘ ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد سائنس جي شعبي ۾ بيچلر جو امتحان پاس ڪيائين، جنهن بعد آثار قديمه جي شعبي مان ايم. اي ۽ بعد ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. ننڍي کنڊ جي اترين علائقن ۾ موجود ڌاتوئي دور (Bronze Age) جا مليل قديم آثار ۽ قديم دؤر ۾ ڌاتوگري (Archaeometallurgy) جو فن؛ قديم آثارن متعلق فلسفاڻو علم (Philosophical Archaeology) پٿر جي دؤر جي آبهوا ۽ ماحول بابت کوجنا، ثقافتي ورثي جي سرشتي ۽ قديم آثارن جي تاريخن جو تعين ڪرڻ سندس خاص موضوع رهيا آهن. هن قديم آثارن جي نظريي، تاريخ بابت محققن جي عمومي خيالن ۽ ثقافتي ڄاڻ جي سرشتي متعلق سوين تحقيقي ڪالم لکيا، جيڪي مختلف وقتن قومي توڙي بين الاقوامي رسالن ۽ تحقيقي جرنلن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. هن سنڌو تهذيب ۾ ڌاتوگيريءَ جي فن کي اجاگر ڪندي سنڌو تهذيب جي ڌاتوگيريءَ بابت ڪيئي ليک لکيا، جن ۾ هن ڄاڻايو ته سنڌو تهذيب جا وارث نه رڳو فڪري لحاظ کان پر فني لحاظ کان به شاهوڪار هئا. ڌرمپال پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز 1958ع ڌاري هندستاني آثار قديمه جي تحقيق واري اداري ۾ اسسٽنٽ طور ڪيو، جتي هن 1960ع تائين پنهنجا فرض سرانجام ڏنا. 1960ع کان 1962ع تائين نئين دهليءَ ۾ قائم آثار قديمه جي اسڪول مان تربيت ورتائين. 1962ع کان 1972ع تائين بمبئيءَ ۾ قائم تحقيقي اداري ‘Tata Institute of Fundamental Research’ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر مقرر ٿيو. 1972ع کان وٺي 1993ع تائين هندستان جي شهر احمدآباد ۾ فزيڪل ريسرچ ليبارٽريءَ جو ايسوسيئيٽ پروفيسر، پروفيسر، سينيئر پروفيسر ۽ سربراهه ٿي رهيو.
1976ع ۾ راجسٿان جي قديم پٿر جي دور جي اوائلي آبهوا ۽ آڳاٽي تاريخ تي کوجنا جي حوالي سان هڪ اهم رٿا موجب اعليٰ عهديدار جي سهڪاريءَ طور 1982ع تائين مصروف عمل رهيو. 1979ع کان 1991ع جي وچ واري عرصي ۾ D.S.T جي رٿا ‘High Resolution Proxy Climatic Data from Kashmir’ متعلق تحقيقي ڪم جي سربراهه طور 1993ع کان 1996ع تائين قومي تحقيقي اداري ICHR جو سهڪاري، جڏهن ته 1996ع کان 1999ع تائين INSA اداري جي هڪ رٿا تحت فيلو جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. ڌرمپال اگروال مختلف قومي توڙي بين الاقوامي ادارن جو ميمبر، تحقيقي رسالن جو ايڊيٽر ۽ سربراهه پڻ رهيو آهي، جن ۾ لنڊن ۾ قائم عالمي آثارِ قديمه جي اداري جي صلاحڪاري بورڊ جو ميمبر؛ پئرس ۾ قائم قديم بشرياتي علم جي اداري ۾ صلاحڪاري بورڊ جو ميمبر؛ حيدرآباد دکن مان جاري ٿيندڙ تحقيقي جرنل ‘Archaeological Chemistry’ جو صلاحڪار؛ رسالي Man and Environment جو ايڊيٽر، لوئيس (Loess) جي بين الاقوامي ڪميشن جو ميمبر، پٿر جي دور جي بشرياتي علم ۽ آڳاٽي تاريخ بابت قائم بين الاقوامي ڪميشن جو ميمبر، INSA پاران سائنس جي قدامت ۽ تاريخ جي حوالي سان قائم ڪميشن جو ميمبر ۽ ساڳيءَ ڪميشن ۾ (Ancient Period Panel) جو سربراهه ٿي رهيو. هي 1975ع ۾ آمريڪا جي هڪ تحقيقي اداري ’سمٿ سونين‘ (Smith Sonian) جو سهڪاري؛ 1988ع ڌاري پينسلوينيا يونيورسٽيءَ ۾ ڏهن مهينن لاءِ اعزازي پروفيسر ۽ 1998ع کان 1999ع دوران جپان جي بين الاقوامي تحقيقي توڙي تعليمي اداري ’ڪيوٽو‘ (Kyoto) ۾ هڪ سال جي عرصي تائين اعزازي پروفيسر جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. هن قديم آثارن جي تحقيق سان گڏ تعليمي سرگرمين ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو، ان حوالي سان سندس هندستان ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ڏنل ليڪچرَ اهميت جا حامل آهن. سندس تحقيقي ڪم جي حوالي سان ڪتابن جي هڪ ڊگهي فهرست ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهي. سندس شايع ٿيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:
• The Copper Bronze Age in India (1971).
• (2) Radiocorbon and Indian Archaeology Bombay with A. Ghosh (1973).
• Prehistoric Chronology and Radiocarbon Dating in India. New Dehli, Mushiram Manoharld with S. Kusumgar (1974).
• Protohistoric Archaeology of India (Hindi), Lucknow: U.P Granth Akademi: with P.L. Agarwat (1975).
• Ecology and Archaeology of Western India, New Delhi, Concept Publishers with B. M Pande (1977).
• Essays in Indian Protohistory, New Dehli, B.R Publishers, with Dilip Chakrabarti (1978).
• The Archaeology of India, London, Curzon Press (1981).
• Climate and Geology of Kashmir and Central India, The Last 4 Million Years. New Delhi, (1985).
• Palacoclimatic and Palaeo envirnmental Charges in Asia. New Delhi, Indian National Science Academy, with S.K. Gupta and P.Sharma (1988).
• Man and Environment in India through ages. New Delhi, Books and Books Publication (1992).
• Dating the human Past, Poona with M.G Vadava (1995).
• Central Himalyas, an Archaelogical, Linguistics and Cultural Synthesis. Delhi (1998).
• Ancient Metal Technology & Archaeology of South Asia. Delhi, Aryan Book International.
• The Concepts of Time and Cultural Conditioning (1999).


لفظ ڌرمپال اگروالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.03.15  عيسوي

آثار قديمه جي هن ماهر جو شمار هندستان جي نامور محققن ۾ ٿئي ٿو. سندس جنم 15 مارچ 1933ع تي هندستان جي ننڍڙي علائقي ’المورا‘ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي امام الدين راشدي
انور ضياءُ عباسي
ٺٽوي درويش مٺو
پيرل فقير ڦلپوٽو
ڀڳت کيمچند
محمد عمر ٿهيم
فدا سرهيو
عبدالوهاب ناظم طيباڻي
بانو محبوب
آخوند احمد سانوڻي ھالائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون